ضامن علي

ضامن علي

ضامن علي

ضامن علي: مشهور فنڪار ضامن علي ولد محمد قاسم سمون 10 آڪٽوبر 1988ع تي حيدرآباد جي ٽي نمبر تلاءُ محلي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ سنڌي مين پرائمري اسڪول حيدرآباد مان، مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان، ايم. اي انگريزي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. سندس والد بانسري نواز هو. موسيقيءَ جي ابتدائي سکيا هن پنهنجي والد وٽان ستن سالن جي عمر ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ موسيقيءَ جي تعليم استاد مجيد خان ۽ استاد فتح علي خان وٽان حاصل ڪيائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس 2005ع ۾ نامور براڊڪاسٽر نصير مرزا متعارف ڪرايو ۽ پي. ٽي. وي تي کيس 2008ع تي ”ٻارن جي ٻاري“ پروگرام جي پروڊيوسر اي. ڪيو پيرزادي متعارف ڪرايو. ضامن علي جي پهرين آڊيو ڪئسٽ ٿر پروڊڪشن رڪارڊ ڪئي، جنهن ۾ شاهه سائين جون 10 وايون رڪارڊ ٿيون. هن وقت تائين سندس 45 آڊيو ڪئسيٽس اچي چڪيون آهن. ضامن علي جا مختلف سنڌي چئنلن تان ڪيترائي گيت نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس مشهور گيت ”ڪڏهن تنهنجي وارن سندي ڇانوَ ٿيندي“ مقبوليت ماڻي چڪو آهي. ضامن علي سنڌ کان ٻاهر سڄي ملڪ ۾ مشهور آهي. ان کان علاوه مختلف ملڪن ۾ ڳائي مڃتا ماڻي اٿائين. جن ۾: انڊيا، دبئي، سعودي عرب، ملائيشيا، ايران، عراق، شام، بحرين، دوها، قطر وغيره شامل آهن. کيس خدمتن طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. جن ۾: ڪي. ٽي. اين اوارڊ 2007ع، مصري شاهه اوارڊ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان بهترين فنڪار اوارڊ 2011ع قابل ذڪر آهن. کيس هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي. هن وقت ڪوٽڙي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ضامن عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1988.10.10  عيسوي

ضامن علي ولد محمد قاسم سمون 10 آڪٽوبر 1988ع تي حيدرآباد جي ٽي نمبر تلاءُ محلي ۾ پيدا ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راحت فتح علي خان
الهڏنو نوناري
رجب علي
اڪرم علي ملاح
مختيار شيدي
سيد سليمان شاهه
صابري غلام فريد
فقير عبدالغفور
شاهه لطيف جا موجوده راڳي
خادم حسين ديوانو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون